اسرائيل – فلسطين ڇڪتاڻ تي پاڪستان جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسان وچ اوڀر ۾ اڀرندڙ صورتحال تي گهري نظر رکيو پيا اچون، اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ٺهرائن موجب فلسطين مسئلي جو منصفاڻو، گڏيل ۽ ڊگهو حل چاهي ٿو، گڏوگڏ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي واضح ڪيو ت ه 1967 کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ عمل جوڳو، خود مختيار فلسطين قائم ڪيو وڃي، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي، اسان عالمي برادري کان شهرين جي تحفظ ۽ امن جو مطالبو ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.