محمد عامر، بابر اعظم بابت اهم بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عماد وسيم قومي ٽيم جي اوپنر فخر زمان کي صلاح ڏني آهي ته هو جيئن چيمپيئنز ٽرافي جارحاڻي انداز سان کيڏيو ورلڊ ڪپ ۾ به ائين ئي کيڏي.

نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ محمد عامر، عماد وسيم ۽ عبدالرزاق شرڪت ڪئي جنهن ۾ گفتگو ڪندي عماد وسيم چيو ته بابر اعظ۾ جو وڪيٽ تي رهڻ ضروري آهي جڏهن ته امام الحق يارهون ڀيرو بائونسر تي آئوٽ ٿيو آهي.

هن چيو ته ٽيم فخر زمان جي ڪارڪردگي تي ڀاڙيندي رهي آهي، کيس پنهنجي پراڻي راند کيڏڻ گهرجي، هو جيئن چيمپيئنز ٽرافي ۾ جارحاڻي انداز کيڏيو هو عالمي ڪپ ۾ به ائين ئي کيڏي.

اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو ته سعود شڪيل ۽ محمد رضوان تمام سٺو کيڏيا، بابر اعظم اسپنر ۽ فاسٽ بالر خلاف سٺو کيڏندو آهي، پر بابر اعظم آئوٽ ٿئي ته ٻين کي ذميواري کڻڻ گهرجي.

ان کانسواءِ شو ۾ موجود فاسٽ بالر محمد عامر حارث رئوف جي واکاڻ ڪندي چيو ته حارث تيز بالنگ ڪئي ۽ هو رڌم ۾ نظر آيو، 1992ع ۾ پاڪستان پهرين ميچ هارائي هئي پر کٽي وئي.

محمد عامر وڌيڪ چيو ته بابر اعظم ۽ منهنجي محبت گهري آهي، بابر اعظم وڪيٽ تي ٽڪندو ته پاڪستان ٽي سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندو، لڳي ٿو امام ۾ اعتماد جي کوٽ آهي، گذريل مئنيجمينٽ فخر زمان جو نمبر تبديل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.