غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان غزا تي فضائي حملن جي نتيجي ۾ 198 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس طرفان اسرائيل تي حملن کانپوءِ اسرائيل جا غزا تي جوابي حملا جاري آهن.
غزا اختيارين موجب اسرائيل جي فضائي حملن ۾ 198 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 1600 کان وڌيڪ زخمي آهن.
اسرائيلي فضائيا طرفان غزا ۾ عام فلسطينين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان گهيري ۾ ورتل غزا ۾ دوائن ۽ بنيادي شين جي اڳ ئي کوٽ آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ حالتون وڌيڪ پريشان ڪندڙ ٿي ويون آهن.
You might also like