قومي ڪرڪيٽرن تي پئسن جي برسات، ڪنهن کي ڪيتري رقم ملندي؟ تفصيل پڌرا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي چئن ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪرڪيٽرن کي ماهوار ملندڙ رقم جا تمام تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽرز کي چئن( اي، بي، سي ۽ ڊي ) ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل تمام ڪرڪيٽرن کي پنهنجي پنهنجي ڪيٽيگري تحت پئسا ملندا.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت اي ڪيٽيگري ۾ شامل ٽن ڪرڪيٽرن کي ماهوار سٺ لک رُپيا ۽ بي ڪيٽيگري وارن ڪرڪيٽرن کي 41 لک رُپيا ملندا.

پي سي بي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگرن کي ماهوار سترنهن لک پنجاهه هزار جڏهن ته ڊي ڪيٽيگري ۾ شامل پليئرز کي يارنهن لک ٽيهه هزار رپپيا ملندا.

پي سي بي طرفان ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين شاهه کي اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي بي ڪيٽيگري ۾ فخر زمان، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاهه ۽ شاداب خان جا نالا شامل آهن.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي ڪيٽيگري ۾ عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق جا نالا شامل آهن جڏهن ته ڊي ڪيٽيگري ۾ فهيم اشرف، حسن علي، افتخار احمد، احسان الله ۽ محمد حارث کي شامل ڪيو ويو آهي.

محمد وسيم جونيئر، صائم ايوب، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل به ڊي ڪيٽيگري جو حصو هوندا جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي، شان مسعود، اساما مير ۽ زمان خان جا نالا ڊي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن.

ذريعن موجب، رانديگرن جي ماهوار آمدني ۾ پي سي بي کي آءِ سي سي وٽان ملندڙ ريونيو جو ٽيون حصو پڻ شامل هوندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.