ايشين گيمز ڪرڪيٽ: بنگلاديش پاڪستان کي هارائي پِتل جو ٻلو کٽي ورتو

هنگزو ( ويب ڊيسڪ ) هنگزو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز جي ڪرڪيٽ مقابلن ۾ بنگلاديش پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي پتل جو ٻلو کٽي ورتو آهي.

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم 19 هين ايشين گيمز ڪرڪيٽ مقابلن جي ٽين پوزيشن لاءِ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

برسات سبب متاثر ميچ پهريان تيرنهن اوورن تائين محدود ڪئي وئي هئي پر پاڪستان جي اننگز دوران ٻيهر برسات ٿيڻ سبب ميچ پنج اوورن تائين محدود ڪئي وئي.

بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، گرين شرٽس پنج اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 48 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش جي فتح ۾ ياسر علي ۽ عفيف حسين اهم ڪردار ادا ڪيو، عفيف حسين يارنهن بالن تي هڪ ڇڏي ٽن چوڪن جي مدد سان ويهه رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ارشد اقبال ٽي وڪيٽون وٺي ڪامياب بالر رهيو.

ان کان اڳ پاڪستان جي اننگز ۾ مرزا بيگ ٻن ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 32 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي،خوشدل شاهه هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 14 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.