حماس جو اسرائيل تي حملو، دنيا جو ردعمل

تل ابيب/غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني ڌڙي ”حماس“ اسرائيل تي هيل تائين جو سڀ کان وڏو حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ عزا پٽي کان هزارين راڪيٽن بيراج فائر ڪيو ويو، ان کان پوءِ اسرائيلي آبادين ۾ داخل ٿيندڙ بندوق بردارن جي اوچتو حملي ۾ 20 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا.

حملي کان پوءِ اسرائيل چيو ته ايران جي حمايت يافتا ڌڙي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ڇو جو ان جي فوج تصديق ڪئي آهي ته عزا ويجهو ويڙهه جي پٺيان ان جو هٿ هو.

اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جوابي ڪارروائي جو واعدو ڪيو آهي.

دنيا طرفان ان حملي تي مختلف ردعمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

سعودي عرب

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت به اسرائيلين ۽ فلسطينين وچ ۾ تشدد جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آيه ته اسان مختلف فلسطيني ڌڙن ۽ اسرائيلي قابض فوج وچ ۾ غير معمولي اڳڀرائي کي ڏسي رهيا آهيون جنهن جي ڪري تشدد ۾ اضافو ٿيو آهي.

قطر

قطر چيو آهي ته ان ڇڪتاڻ جو ذميوار پاڻ اسرائيل آهي، قطر صبر کان ڪم وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

قطر جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام سان تشدد ۾ لاڳيتو اضافي جو ذميوار اسرائيل آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته قطر ٻنهي ڌرين کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اسرائيل کي اهڙن واقعن کي غزا ۾ فلسطيني شهرين جي خلاف جنگ شروع ڪرڻ جي بهاني جي طور تي استعمال ڪرڻ کان روڪي.

بيلجيم

بيلجيم جي پرڏيهي وزير حدجه لهبيب ”ايڪس“ تي لکيو ته بيلجيم اسرائيلي شهرين جي خلاف وڏي پيماني تي راڪيٽ حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. تشدد ۽ دهشتگردي ئي مصيبتن کي برقرار رکندي آهي ۽ ڳالهين جي رستي ۾ رنڊڪ آهي. اسان جا خيال انهن سڀني متاثرن سان گڏ آهن. اسان صورتحال کي ويجهو کان مانيٽر ڪري رهيا آهيون.

يورپي ڪميشن

يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊير ليين ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪئي ته آئون اسرائيل جي خلاف حماس جي دهشتگردن جي حملي جي غير واضح طور تي مذمت ڪريان ٿي. اسرائيل کي اهڙن ڪُڌن حملن جي خلاف پنهنجي بچاءَ جو حق حاصل آهي.

مصر

مصر جي پرڏيهي وزارت اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي سنگين نتيجن کان خبردار ڪيو آهي.

پرڏيهي وزارت وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ شهرين کي وڌيڪ خطري ۾ وجهڻ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو.

مصر جي پرڏيهي وزير سامع شڪري به يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزپ بوريل سان ملاقات ڪئي ته جيئن اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگھجي، جنهن ۾ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين کي سنگين خطرن کان بچڻ لاءِ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي.

فرانس

فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون اسرائيل جي خلاف حملن جي مذمت ڪئي.

هن ايڪس (ٽوئيٽر) تي لکيو ته آئون اهڙن دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪريا ٿو جيڪي هن وقت اسرائيل کي نشانو بڻائي رهيا آهن. آئون متاثرن، انهن جي گھرڀاتين سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو.

فرانسيسي سفارتخاني انهن حملن کي ”قبو نه ڪرڻ جوڳا دهشتگرد حملا “ قرار ڏنو.

فرانسيسي سفارتخاني ”ايڪس“ تي لکيو ته ملڪ جي ڏکڻ کان آيل اڳڀرائي کان ڊنل آهيون. اهي دهشتگرد حملا قبول ڪرڻ جوڳا ناهن ۽ هر ڪنهن کي ان جي مذمت ڪرڻ گھرجي. اسان اسرائيل ۽ اسرائيلين سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.

جرمني

جرمن پرڏيهي وزير اينالينا بيربوڪ چيو ته برلن ”غزا کان اسرائيل جي خلاف دهشتگردانن حملن جي سخت سان مذمت ڪري ٿو“.

بيربوڪ چيو ته حماس تشدد جي شدت ۾ اضافو ڪندي آهي، تشدد ۽ راڪيٽن جو استعمال بيگناهه ماڻهن جي خلاف فوري طور تي رڪجڻ گھرجي.

يونان

يوناني پرڏيهي وزارت ”ايڪس“ (ٽوئيٽر) تي پوسٽ ڪئي ته يونان اسرائيل جي خلاف غزا کان اڄ جي شديد راڪيٽ حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. يونان اسرائيل سان گڏ بيٺل آهي ۽ تشدد ان جي قبول نه ڪرڻ جوڳي اضافي تي گهري ڳڻتي آهي.

ايران

ايران جي سپريم ليڊر علي حسيني خامنه اي جي مشير چيو آهي ته ايران فلسطينين جي حملي جي حمايت ڪري ٿو.

مشير رحيم صفوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسان فلسطيني ويڙهاڪن کي مبارڪباد ڏيون ٿا، اسان فلسطين ۽ يروشلم جي آزادي تائين فلسطين ويڙهاڪن سان گڏ بيٺل آهيون.

اٽلي

اٽلي چيو آهي ته هو حماس جي”وحشياڻي حملي“ جي خلاف پنهنجي دفاع جي اسرائيل جي حق جي حمايت ڪري ٿو.

اٽلي جي حڪومت چيو ته هو معصوم شهرين جي خلاف جاري دهشتگردي ۽ تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

اسرائيل

اسرائيلي وزيراعظم نتين ياهو چيو ته هنن جو ملڪ ”جنگ جي حالت“ ۾ آهي ۽ کين يقين آهي ته هو کٽيندا.

نيتن ياهو هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان جو دشمن اهڙي قيمت ادا ڪندو جنهن جو ان کي ڪڏهن اندازو به نه ٿيو هوندو.

حزب الله لبناني هٿياربند ڌڙي حزب الله به هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو اهي ته هو غزا جي صورتحال تي گھري نظررکيون ويٺا آهن ۽ فلسطيني مزاحمتي قيادت سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي.

عزا جي ويڙهاڪن طرفان اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي واقعن بعد بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهو اسرائيل جي لاڳيتو قبضي جو فيصلو ڪندڙ جواب ۽ اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هڪ پيغام آهي.

پولينڊ

پولينڊ جي پرڏيهي وزير زبيگنيورائو ”ايڪس“ ٽوئيٽر تي لکيو ته آئون حماس جي اسرائيل تي جاري حملن جي شديد مذمت ڪريا ٿو. اها بي بنياد جارحيت ۽ تشدد جون ڪارروايون خاص ڪري عام شهرين جي خلاف قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن. اسان جا خيال ۽ دعائون ان ڀوائتن واقعن مان متاثر ٿيندڙ هر فرد سان گڏ آهن.

روس

انٽرفيڪس نيوز ايجنسي روس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف جو حوالو ڏيندي چيو ته روس چيو آهي ته هو اسرائيل، فلسطينين ۽ عرب ملڪن سان اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ اضافي جي سلسلي ۾ رابطي ۾ آهي. اسان سدائين صبر جو مطالبو ڪندا آهيون.

اسپين

اسپين جي وقتي پرڏيهي وزير جوز مينوئل الباريس ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هو غزا کان اسرائيل جي خلاف حملن جي مذمت ڪن ٿا، اسان اسرائيل جي خلاف غزا کان دهشتگرداڻن حملن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اسان جي سموري يڪجهتي ان انڌا ڌند تشدد جي متاثرن سان آهي.

جهموريه چيڪ

جهموريه چيڪ جي صدر پيٽر پاول هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزا پٽي کان ڪيل حملو اسرائيل جي رياست ۽ شهري آبادي جي خلاف دهشتگرد جو هڪ مذمت جوڳو عمل آهي. اسرائيل ۾ راڪيٽ حملي ۽ حماس جي ڪمانڊوز جي چڙهائي فلسطين اسرائيل تڪرار جي پرامن حل جي ڪنهن به ڪوشش کي ڊگھي عرصي تائين روڪي ڇڏيندي.

چيڪ صدارتي آفيس جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيتن ياهو دشمني کان پوءِ جمهوريه چيڪ جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ترڪيه

 ترڪ صدر طيب اردگان اسرائيلين ۽ فلسطينين تي زور ڏنو آهي ته هو صبر کان ڪم وٺن ۽ اهڙين دشمني وارين ڪاررواين کان پاسو ڪن جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي.

اردگان انقرا ۾ پنهنجي حڪمران اي ڪي پارٽي جي هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته اسان سڀني جماعتن کان صبر ججو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته هنن کي جارحاڻين ڪاررواين کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

يوڪرين

يوڪرين جي پرڏيهي وزارت حماس جي ڪارروائي کي اسرائيل تي ”جاري دهشتگرد حملن“ جي طور تي بيان ڪيو آهي.

يوڪريني پرڏيهي وزارت ”ايڪس“ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته يوڪرين اسرائيل جي خلاف جاري دهشتگرداڻن حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جن ۾ يروشلم ۽ تل ابيب ۾ شهري آبادي تي راڪيٽ حملا شامل آهن.

اسان اسرائيل جي ۽ پنهنجن ماڻهن جي دفاغ جي حق ۾ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪريون ٿا.

برطانيا

برطانيا اسرائيل تي حماس جي حملي تي به تنقيد ڪئي آهي.

پرڏيهي سيڪريٽري جيمز ڪليورلي چيو آهي ته برطانيا واضح طور تي اسرائيلي شهرين تي حماس جي ڀوائتن حملن جي مذمت ڪري ٿو. برطانيا سدائين اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.