نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا نئين تاريخ جوڙيندي سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 429 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪا خلاف رنسن جو مائونٽ ايورسٽ کڙو ڪري ڇڏيو، پروٽيز مقرر اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصا تي 428 رنسون ٺاهيون جيڪو عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏوٽوٽل آهي.
ان کان اڳ 2015ع آسٽريليا افغانستان خلاف ڇهن وڪيٽن تي 417 رنسون ٺاهيون هيون.
عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اننگز ۾ ٽي سينچريون ٺاهيون ويون آهن.
سريلنڪا خالف ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، رسي وين ڊر ڊوسن ۽ ايڊن مارڪرم سينچريون اسڪور ڪيون.
Aiden Markram has smashed the fastest-ever Men's @cricketworldcup ton, against Sri Lanka in Delhi 😯@mastercardindia Milestones 🏏#SAvSL 📝: https://t.co/kz02xfaeDF pic.twitter.com/jBRkKyvdzR
— ICC (@ICC) October 7, 2023
ان کانسواءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ صرف چوٿون ڀيرو هڪ اننگ ۾ ٽي سينچريون ٺهيون آهن.
A splendid hundred from Rassie van der Dussen lifts South Africa spirits in Delhi 👊@mastercardindia Milestones 🏏#CWC23 | #SAvSL pic.twitter.com/WvwUjIpZdp
— ICC (@ICC) October 7, 2023
چار مان ٽن ڀيرا اِهو ڪارنامو ڏکڻ آفريڪا ۽ هڪ ڀيرو انگلينڊ سرانجام ڏنو آهي.
ڏکڻ آفريڪي بيٽرن جنوري 2015ع ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آڪٽوبر 2015 ۾ ڀارت خلاف ٽي سينچريون اسڪور ڪيون هيون.
A stunning 83-ball maiden @cricketworldcup ton for Quinton de Kock ⚡@mastercardindia Milestones 🏏#CWC23 | #SAvSL pic.twitter.com/1wAACuV8Pr
— ICC (@ICC) October 7, 2023
انگلينڊ 2022ع ۾ نيڌرلينڊز خلاف اننگ ۾ ٽي سينچريون ٺاهيون هيون.