ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڊالر 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو، هڪ هفتي ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 رپيا 50 پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 6 رپيا 50 پئسا سستو ٿيو.
ڊالر سمگلنگ خلاف ڪارروائيون جاري آهن، جنهن سبب ڊالر 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.
هڪ هفتي ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 رپيا 50 پئسا سستو ٿي ويو ۽ ڊالر 5 رپيا 50 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 282 رپين 69 پئسن جو ٿي ويو، گذريل هفتي ڊالر 287 رپين 74 پئسن تي بند ٿيو هو.
اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر سستو ٿيو، هڪ هفتي ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 50 پئسا سستو ٿي 288 رپين مان گهٽجي 281 رپين 50 پئسن تي بند ٿيو.
Next Post
You might also like