ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني ڊِش نوڊلز جنهن کي ٻارن سوڌو وڏا به کائڻ پسند ڪندا آهن، انهن بابت گيلپ پاڪستان دلچسپ سروي جاري ڪئي آهي.
گھر ۾ ڪجهه مرضي جو نه پچي، يا اڌ رت جو بک لڳي ته نوجوان نوڊلز کائڻ پسند ڪندا آهن، ڇو جو نه رڳو ان ڊش ۾ ذائقو هوندو آهي پر اها 7 کان 10 منٽن ۾ تيار ٿي ويندي آهي.
گيلپ پاڪستان عوام جي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪئي آهي جنهن موجب حيران ڪندڙ طور تي 59 سيڪڙو پاڪستاني نوڊلز جي ذائقي کان محروم آهن.
انهن پاڪستانين جو چوڻ آهي ته هنن ڪڏهن به نوڊلز ناهن کاڌيون، نه ئي کين خبر آهي ته ان جو ذائقو ڪيئن هوندو آهي.
پر 39 سيڪڙو پاڪستانين نوڊلز کي پسنديدهه ڊش قرار ڏنو ۽ چيو ته هو ان کي شوق سان کائيندا آهن.