اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪسٽمز رولز 2001 ۾ ترميم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت پاڪستان رستي افغانستان ويندڙن لاءِ قاعدا وڌيڪ سخت ٿي ويا آهن.
ايف بي آر جي پڌرائيءَ موجب افغانستان ويندڙ سامان تي فنانشنل سيڪيورٽي جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، فنانشل سيڪيورٽي مجاز بئنڪ گارنٽي جي شڪل ۾ ڏني ويندي، جڏهن ته مالي گارنٽي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ ۽ پاڪستان ۾ ڪيش ڪرائي سگهبي، بئنڪ گارنٽي ۾ وهيڪلز ۽ گڊز تي لاڳو ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز به شامل هونديون.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوان شرط امپورٽرز، ڪسٽمز ايجنٽ، بروڪرز ۽ ٽرانسپورٽ آپريٽرز تي لاڳو ٿيندا، ترميمن ۾ رولز جو مقصد پاڪ – افغان ٽرانزٽ آپريشن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
ايف بي آر جي پڌرائيءَ موجب افغانستان لاءِ سامان جي اسڪيننگ ڪسٽمز ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم ذريعي ٿيندي، گڊز ڊڪليريشن کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو ٽرانزٽ گڊز جي اسڪيننگ ڪئي ويندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم کيپ مان گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو سامان جو معائنو ڪري سگهبو، ڪليئرنس کانپوءِ سامان لاڳاپيل ٽرمينل کي ڊليوري ۽ سيلنگ لاءِ موڪليو ويندو.
You might also like