لسبن (ويب ڊيسڪ) پهريون ڀيرو مس پرتگال حسن جو مقابلو کدڙي فقير کٽي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پرتگال جو حسن مقابلو 28 ورهين جي کدڙي فقير سرامرينا مچيٽ کٽيو جيڪو پيشي جي اعتبار سان (فضائي ميزبان) ايئرهوسٽس آهي.
مس پرتگال مرينا مچيٽ تاج پهرڻ کان اڳ فائنل جي لسٽ ۾ اچڻ تي پنهنجي خوشي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي هئي.
واضح رهي ته هلندڙ سال جولاءِ جي مهيني ۾ به 22 سالن جي کدڙي فقير مس نيڌرلينڊ جو ٽائٽل کٽيو هو.