آءِ ٽي ۽ ڊيٽا سائنسز جو چئن سالن وارو ڪورس هاڻي 6 مهينن ۾ ڪرايو ويندو

گلگت بلتستان (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري محي الدين واني دعويٰ ڪئي آهي ته گلگت بلتستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) ۽ ڊيٽا سائنسز جو چئن سالن وارو ڪورس هاڻي 6 مهينن ۾ ڪرايو ويندو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محي الدين جو چوڻ هوته گلگت بلتستان ۾ ڀارتي يونيورسٽي جو ماڊل لاڳوڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته ڀارتي سياستدان ششي ٿرو جي هڪ وڊيو ذريعي ڀارتي يونيورسٽي جي ان ماڊل جي خبر پئي جنهن کان پوءِ مقامي يونيورسٽي جي ذريعي ان ماڊل کي ڪاميابي سان گلگت بلتستان ۾ لاڳو ڪيوآهي.

گلگت بلتستان چيف سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته ان ماڊل ۾ شاگردن کي آءِ ٽي ۽ ڊيٽا سائنسز جا ڪورسز ڪرايا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.