حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران تعليم واري وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جيڏانهن وڃون ٿا سرڪاري اسڪول تباهه آهن، اسڪولن جي حالت بهتر ڪرڻ جو چئو ته چون ٿا فنڊ ناهن.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مدد علي سنڌيءَ چيو ته يونيورسٽيز وارا چوندا آهن ته پئسا نٿا ملن، سنڌ ۾ کوڙ ادارا اهڙا آهن جتي پندرنهن ڪروڙ ته رڳو پگهارن ۾ هليا ويندا آهن.
نگران وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ تعليم کانسواءِ ترقي جو ڪو رستو ناهي.