ڏند هيڊ جهڙا ڦڪا ٿي ويا؟ رابي پيرزادا جو ٽوٽڪو آزمايو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چانهه، ڪافي يا وري پان جي عادت سان ماڻهن جي ڏندن جي عادت تي خراب اثر پوندو آهي ۽ اهي داغ ۽ ڦڪاڻ ختم ناهن ٿيندا.

انهن ڳالهين کي سامهون رکندي ماڻهو چڱي نموني کلي به ناهي سگهندو، ڇو ته ڦڪا ڏند شرمساري جو سبب بڻجندا آهن پر رابي پيرزادا جو ٻڌايل هڪ ٽوٽڪو اهڙو آهي جيڪو گهر ويٺي آزمائي سگهجي ٿو.

رابي پيرزادا چوي ٿي ته ڏند ته کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ هيڊ جهڙا ڦڪا ٿي ويندا آهن پر جيڪڏهن ان جي وري وري اسڪيلنگ ڪرائي وڃي ته اهي سنهڙا ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن.

ڏندن کي چمڪائڻ ۽ انهن کي اڇو ڪرڻ لاءِ روز هڪ ڪيلو ائين کائجي جو اهو جڏهن چٻاڙجي ته وات جي هر پاسي وڃي ڇو ته ڪيلي ۾ ڪيلشيم هوندو آهي جيڪو هڏن ۽ ڏندن کي مضبوطي ڏيندو آهي.

جڏهن رات جو ننڊ کان اڳ ڪيلي جي کل ڏندن تي مهٽجي ته ان کانپوءِ ٻيو ڪجهه نه کائجي، ڪجهه ڏينهن اهو عمل ڪرڻ سان ڏندن تان مر مٽي لهي ويندي ۽ ڏند چمڪي پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.