لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي لاهور ايئرپورٽ تان پنڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ٻه مرد ۽ ٻه عورتون شامل آهن.
ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل لاهور وڏي ڪارروائي ڪندي عمري جي آڙ ۾ پنڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ٻه عورتون ۽ ٻه مرد شامل آهن، ايف آءِ اي اميگريشن جوابدارن کي لاهور ايئرپورٽ تي آف لوڊ ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدار پنڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب، ايران ۽ عراق وڃي چڪا آهن.
جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي عرب پهچڻ تي پاڪستان ايجنٽن کي وصول ڪرڻو هو، ۽ پنڻ جي ذريعي ڪمائي ويندڙ رقم جو اڌ حصو سڀني ايجنٽن کي ڏيڻو هو. جوابدارن ۽ ايجنٽن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.