ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪار فيروز خان جي اڳوڻي گهرواري عليزا سلطان اداڪار کان ڌار ٿيڻ کان وٺي شروع ٿيل تڪرار ۾ اهم انڪشاف ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن عليزا سلطان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي مداحن سان سوالن جوابن جو سيشن رکيو، جنهن ۾ هن مداحن طرفان پنهنجي ذاتي زندگي بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏنا.
ان سيشن دوران هڪ مداح عليزا سلطان کان فيروز خان جي پيءُ جي ڪردار بابت سوال ڪيو ته ڇا اهو سچ آهي ته فيروز خان پنهنجي ٻارن جو خرچ پورو نٿو ڪري؟
سوال جو جواب ڏيندي، سوشل ميڊيا انفلوئينسر چيو، "نه، اهو سچ ناهي، هو پنهنجي ٻارن جون اڌ مالي ذميواريون نڀائي ٿو.
شروعات ۾ ٻارن جي مدد جي حوالي سان ٻنهي ۾ تڪرار ٿيو ۽ عدالت ٻنهي ڌرين کي وقت ڏنو ته هو پنهنجي مرضي موجب امدادي مسئلا حل ڪن.
عليزا سلطان فيروز خان تي تشدد جو الزام هنيو هو، جنهن کانپوءِ ٻئي هڪ ٻئي خلاف عدالتن ۾ پهتا جنهن جي ٻڌڻي هلندڙ آهي.
ان سيشن دوران مداحن عليزا سلطان کان سندس نجي زندگي بابت ڪجهه سوال به ڪيا، هڪ مداح پڇيو ته توهان پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهيو ٿا؟
عليزا سلطان جواب ڏنو ته مان زندگي ۾ توازن رکڻ سکڻ چاهيان ٿي. دنيا ۽ دين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن صبر، معافي، رشتن ۾ توازن پيدا ٿئي، سٺي ۽ خراب ٻنهي تجربن مان سکڻ گهرجي.
عليزا سلطان حجاب کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ بابت وڌيڪ چيو ته ”عام طور تي جڏهن ٻاهر نڪرندي آهيان ته پنهنجو مٿو ڍڪي وٺندي آهيان، پر هاڻي مان انسٽاگرام تي به مٿو ڍڪڻ چاهيان ٿي.
واضح رهي ته سيده عليزا سلطان هڪ خوبصورت، باصلاحيت ۽ نوجوان پاڪستاني سوشل ميڊيا انفلوئينسر آهي.
هوءَ مشهور پاڪستاني ٽيليويزن اداڪار فيروز خان سان شادي جي وقت کان وٺي سرخين ۾ رهي آهي، جوڙو 2022 ۾ جدا ٿيو هو.