ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪيا گاڏين جي اسيمبلر لڪي موٽر ڪارپوريشن ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي اگهه ۾ واڌ جو حوالو ڏئي گاڏين جي مختلف ماڊلز جي اگهن ۾ هڪ کان 5 لک رپين تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
پيڪانٽو اي ٽي، سپورٽيج ايف ڊبليو ڊي، اي ڊبليو ڊي ۽ بليڪ لميتڊ ايڊيشن ترتيب وار 38 لک 50 هزار رپيا، 80 لک 80 هزار رپيا، 87 لک 70 هزار رپيا ۽ 93 لک ريپا ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت سورينٽو 2.4 ايل ايف ڊبليو ڊي، 2.4 ايل اي ڊبليو ڊي ۽ 3.5 ايل ايف ڊبليو ڊي جا نوان اگهه هڪ ڪوڙ 3 لک، هڪ ڪروڙ 12 لک ۽ هڪ ڪروڙ 12 لک 90 هزار رپيا هوندا، هر گاڏي جي اگهه ۾ 5 لک رپين جي لاٿ آئي آهي.
گذريل ڪيترن ئي هفتن کان رپئي جي اگهه ۾ بهتري جو سلسلو جاري آهي.