افغانستان دنيا جو سڀ کان وڏو آفيم سپلائر آهي: رپورٽ

دنيا ۾ پوکيو ويندڙ آفيم جو 80 سيڪڙو افغانستان مان پيدا ٿيندو آهي، جتي ٻه لک 33 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي آفيم پوکيو ويندو آهي.

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب دنيا جي 95 سيڪڙو هيروئن افغانستان مان سپلاءِ ڪئي ويندي آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ ڏوهاري گروهن لاءِ ڪمائي جو هڪ اهم ذريعو آهي.

آفيم جي غير قانوني واپاري سان افغانستان جا  پاڙيسري ملڪ بري طرح متاثر آهن، جڏهن ته 2020ع کان افغانستان ۾ آفيم جي پيداوار ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

رپورٽ موجب افغانستان ۾ ٻه لک 33 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي آفيم پوکيو ويندو آهي، آفيم ڳوٺاڻين آبادين جي آمدني جو هڪ وڏو حصو آهي. سي اين اين چيو آهي ته آفيم افغانستان جي جي ڊي پي ۾ 11 سيڪڙو حصو وجهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.