لاهور (ويب ڊيسڪ) شادي هالز لاءِ مئل جانورن جو گوشت سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 10 مڻ گوشت هٿ ڪيو ويو.
پوليس موجب مجاهد اسڪواڊ ناڪا نيو راوي مان 10 مڻ مئلجانورن جو گوشت هٿ ڪري شادي هال لاءِ سپلاءِ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
هٿ ڪيل مئل جانورن جي گوشت ۾ 7 مڻ بيف ۽ 3 مڻ مٽن شامل آهي.
جوابدار گاڏي ۾ فاروق آباد مان مئل گوشت لاهور منتقل ڪري رهيا هئا.
ايس پي زوهيب رانجها موجب هاڃيڪار گوشت هٿ ڪرڻ لاءِ موقعي تي پهتاسين جتي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.