ڀارتي ڪوچ شُڀمَن گِل جي صحت بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل جي بيماري بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، راهول ڊريوڊ چيو ته شُڀمَن گِل جي صحت ۾ هوريان هوريان سڌارو اچي رهيو آهي ۽ هو اڄ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي، ميڊيڪل ٽيم سندس صحت جي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.

هن چيو ته آسٽريليا خلاف ميچ ۾ اڃا وقت آهي، طبي رپورٽ کانپوءِ شُڀمَن گِل کي کيڏائڻ نه کيڏائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

ڀارتي ڪوچ وڌيڪ چيوته ميڊيڪل ٽيم گِل کي اڃا ميچ مان آئوٽ ناهي ڪيو، سڀاڻي سندس صحت جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڀارتي اوپننگ بيٽر شڀمن گِل جي ڊينگي بخار ۾ مبتلا آهي جنهن سبب سندس آسٽريليا خلاف ميچ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.