آسٽريليا ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگھي ڪاٺيءَ جي عمارت تيار ڪئي ويندي

آسٽريليا ۾ دنيا جو سڀ کان ڊگهو ڪاٺيءَ جو ٽاور تعمير ڪرڻ جي حوالي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اولهه آسٽريليا جي رياست پرٿ ۾ هڪ اهڙي ڊگھي ۽ بلند هائبرڊ ٽاور جي اڏاوت جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي جيڪو ڪاٺيءَ مان ٺهيل هوندو جڏهن ته ٽاور جي اونچائي 191 ميٽرن کان به وڌيڪ هوندي.
پرٿ جي ميٽرو انر سائوٿ جوائنٽ ڊويلپمينٽ اسيسمينٽ پينل (جي ڊي اي پي) ان عمارت لاءِ گرينج ڊويلپمينٽ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، في الحال عمارت جو نالو C6 رکيو ويو آهي.
C6 جي حوالي سان بڌايو پيو وڃي ته اهو ٽاور لگزري ۽ اسٽيل جي ڍانچي مان تيار ڪيو ويندو، جيڪااولهه آسٽريليا جي پهرين ڪاربن نيگيٽو رهائشي عمارت هوندي ٻڌايو پيو وڃي ته اهو ٽاور ڪاٺي ۽ اسٽيل جي ڍانچي مان بڻايو ويندو، جيڪا اولهه آسٽرليا جي پهرين ڪاربن نيگيٽو رهائشي عمارت هوندي 50 فلورز تي ٻڌل ان عمارت ۾ 200 اپارٽمينٽس تعمير ڪيا ويندا.
گرينج ڊويلپمينٽ موجب C6 ٽاور جي تعمير ۾ 600 وڻن مان حاصل ٿيندڙ ڪاٺ استعمال ٿيندو جڏهن ته عمارت جي اڏاوت ۾ 45 سيڪڙو ڪاٺي استعمال ڪئي ويندي.
ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن ان عمارت جي تعمير ٿي ويندي ته آمريڪي ملڪ ملواڪي ۾ تعمير ڪيل بلند بلڊنگ ايسنٽ ٽاور جو به رڪارڊ ٽٽي ويندو جنهن جي بلندي 86 ميٽر آهي ۽ عمارت 25 ماڙ تي ٻڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.