آءِ ايم ايف شرطون: ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ گئس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف  شرطن تي ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ هلندڙ مهيني گئس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب، ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ گئس جي قيمت 302 رُپين مان وڌائي پنج سو اسي رُپيا ايم ايم بي ٽو يو هوندي، ۽ فيلڊ اسٽاڪ لاءِ ڀاڻ مينو فيڪچرز کي في ايم بي بي ٽي يو گئس پندرنهن سئو اسي رُپين ۾ ملندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊ اسٽاڪ لاءِ ڀاڻ مينوفيڪچرز لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو گئس 556 رُپيا مهانگي ٿيندي.

ذريعن موجب، مينو فيڪچرز لاءِ گئس مهانگي ڪرڻ تي ناڻي ، پيٽروليم ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀاڻ مينو فيڪچرز لاءِ گئس قيمتن ۾ واڌ آءِ ايم ايف اقتصادي جائزي کان پهريان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.