ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خشڪ صوف ۾ وٽامن سي تازي صوف کان گهٽ هوندو آهي پر غذائي حوالي سان خشڪ ڪرڻ واري عمل غذائيت وڌائي ڇڏيندو آهي.
فلوريڊا يونيورسٽي جي ريسرچرز عورتن جي هڪ گروپ کي هڪ ڏينهن ۾ 75 گرام خسڪ صوف کائڻ لاءِ ڏنو جيڪو بن تازن صوفن جي برابر هو ۽ ٻئي گروپ کي 100 گرام آلو بخارا کائڻ لاءِ ڏنا ويا.
6 مهينن بعد اهو ڏٺو ويو ته خشڪ صوف کائڻ وارين عورتن جي گروپ ۾ خراب ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح 23 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي هئي جڏهن ته آلو بخارا کائيندڙ عورتن جي ڪوليسٽرول ۾ ڪا کوٽ نه آئي هئي.
خشڪ صوف کائڻ سان انهن عورتن کي روزانو 240 ڪيلوريز واڌو مليون پر 12 مهينن جي جائزي م انهن جو وزن 1.4 ڪلوگرام گهٽجي ويو هو.