گذريل مهينو انساني تاريخ جو گرم ترين سيپٽمبر قرار

موسمياتي تبديلين جا اثر لاڳيتو سامهون اچي رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدانن گذريل مهيني کي انساني تاريخ جو گرم تي سيپٽمبر قرار ڏنو آهي.
سيپٽمبر 2023ع ۾ عالمي گرمي پد ايتري رڪارڊ سطح تي پهچي ويو جو سائنسدان حيران ٿي ويا.
اهو لاڳيتو چوٿون مهينو آهي جنهن کي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ کي به گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو هو، خاص طور تي جولاءِ کي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو هو.
موسمياتي اداري Copernicus Climate Change Service ( سي سي سي ايس) موجب سيپٽمبر دوران گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ٿيو جيڪڪو دنگ ڪري ڇڏيندڙ اهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ايل نينو جا اثر 2023ع جي آخر ۾ ۽ ايندڙ سال وڌيڪ نمايان هوندا ۽ 2024ع بدترين سال ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.