اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ وٽ ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار ناهي، ان کي پروفيشنل تي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار ڪيئن آهي؟
ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪراچي جو ريسٽورنٽ، بئنڪ ۽ پولٽري وارن کان واڌو ٽيڪس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته وفاق يا صوبائي حڪومت ٽيڪس لاڳو ڪري سگهي ٿي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر الرحمان عدالت کي ٻڌايو ته وفاق، صوبائي ۽ لوڪل حڪومتن کي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار آهي، لوڪل حڪومت چونڊيل باڊي آهي، اها ٽيڪس لڳائي سگهي ٿي.
ان تي چيف جسٽس چيو وڪيلن تي ٽيڪس لڳي وڃي ته ڇا اهو لوڪل گورنمينٽ گڏ ڪندي؟
ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته تڪرار اهو آهي ته آرٽيڪل 163 تحت لوڪل گورنمينٽ ٽيڪس نٿي لڳائي سگهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ٽيڪس جو اختيار ڪنهن ٻئي کي ڪيئن ڏئي ڇڏيون؟ اسان آئين کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، ائين نه ٿئي جو اسان جو حڪم اچي وڃي ته سمورا ٽيڪس اُڏي وڃن.
سپريم ڪورٽ ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
Prev Post
You might also like