مشن ورلڊ ڪپ:  پاڪ-نڌرلينڊز ميچ کان اڳ ڪپتان پنهنجا ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هو  ۽ سندس ٽيم ڀارت ۾ نئين تاريخ رقم ڪرڻ چاهن ٿا.

پاڪستان ٽيم جمعي جي ڏينهن( سڀاڻي ) ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مشن جي شروعات حيدرآباد جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيڌرلينڊز خلاف ميچ سان ڪندي.

پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان جون تياريون مڪمل آهن، اسان هڪ هفتي کان حيدرآباد ۾ آهيون، پريڪٽس ميچن ۾ سڀني کي موقعو ڏنو آهي، اسان بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون.

بابر اعظم چيو بالنگ ۽ بيٽنگ ٻئي اسان جي قوت آهن، اسان جا بيٽرز ٽاپ آرڊر کان لوئر آرڊر تائين سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن، هر هڪ پنهنجي ذميواري محسوس ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته تيز بالر اسان جي سگهه رهيا آهن، پر قومي اسپنر به مڊل اوورز ۾ وڪيٽون وٺي رهيا آهن جيڪا سٺي علامت آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ پِچون سٺيون آهن ۽ هاءِ اسڪورنگ ميچون ٿينديون، بائونڊريز  نه تمام وڏيون آهن نه صفا ننڊيون، اِها نارمل سائز آهي.

بابر اعظم وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن ورهين کان هو انهن ڇوڪرن سان گڏ کيڏي رهيو آهي اسان هڪٻئي سان جڙيل آهيون ۽ پاڪستان لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.