گيس جي لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪ ٿيندي: حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم گيس جي واهپيدارن لاءِ وڌيڪ خراب گذرندي ڇو ته سياري ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪن تائين ٿيندي.

توانائي واري نگران وزير هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته گيس رڳو 8 ڪلاڪن لاءِ ڏني ويندي تنهن جي معنيٰ اها ٿي ته گيس جي لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪ ٿيندي.

منسٽر چيو ته ملڪ ۾ سياري لاءِ گيس گهٽ اهي، قدرتي گيس 18 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.