شاهه رخ، ريٿڪ ۽ سلمان ڪهڙي فلم ۾ گڏ نظر ايندا؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) يش راج فلمز جي بلاڪ بسٽر فلم ”وار“ جنهن ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار ريٿڪ روش ڪردار نڀائي رهيو آهي، ان جي ٻئي پارٽ ۾ انڊسٽري جا وڏا اداڪار شاهه رخ ۽ سلمان خان کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ”وار“ جو ٻيون پارٽ ڊائريڪٽر ايان مکرجي بڻائيندي ۽ 2025ع ۾ ايندڙ فلم لاءِ شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ هرٿيڪ روشن ايڪشن ۾ گڏ نظر ايندا.
ميڊيا رپورٽس موجب ”وار 2“ جي مهورت ٿي چڪي آهي ۽ ڊائريڪٽر هلندڙ مهيني فلم جي شوٽنگ شروع ڪرڻ چاهين پيا، هرٿيڪ روشن ”فائٽر“ جي شوٽنگ لاءِ اٽلي ۾ آهي ۽ هو واپس اچي پروجيڪٽ جو حصو بڻجندو.
ميگا ايڪشن ۽ ٿرلر فلم لاءِ ڪيارا اڊواني کي عورت جي مرڪزي ڪردار لاءِ فائنل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شوٽنگ جي شروعات اين ٽي آر جونيئر سان گڏ ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.