آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي: عائما بيگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور گلوڪارا آئما بيگ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ايترو ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي هئي جو هڪ ڀيري هن آپگهات ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي.

پنهنجي تازي انٽرويو ۾ گلوڪارا آئما بيگ جو چوڻ هو ته اسان وٽ ماڻهو ڊپريشن کي بيماري ناهن سمجهندا ۽ نه ئي ان تي ڳالهائيندا آهن جڏهن ته اصل ۾ ڊپريشن ئي سڀني بيمارين جي پاڙ آهي.

اداڪارا چيو ته آئون ننڍ عمر ۾ ئي ”آرٿرائٽس“ بيماري جو شڪار ٿي وئي هيس، جڏهن آئون ڊاڪٽرن کان سبب پڇيو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته منهنجن جينز ۾ اها بيماري هئي ۽ ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ ڊپريشن جي ڪري اها بيماري اُڀري سامهون آئي.

هن چيو ته جڏهن منهنجي مڱڻي ٽٽي ۽ مون تي برطانوي ماڊل پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان لاڳاپن جا الزام لڳايا ته ان وقت آئون ۽ منهنجي فيملي صدمي ۾ هليا ويا هئاسين.

آئما بيگ جو چوڻ هوته انهن الزامن کان پوءِ تنقيد کي منهن ڏينو پيو جنهن جي ڪري مون کي شديد ڊپريشن ٿيو ۽ انهيءَ دوران آئون هڪ ڀيرو آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي ڇو آئون زندهه نه پئي رهڻ چاهيان.

سندس چوڻ هو ته عمرو ڪرڻ کان پوءِ سڪولن مليو ۽ ڊپريشن به ختم ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.