کاڌي ۾ لوڻ نه هجي ته ڀلي اوهان شاهي پڪوان کائو مزو نه ايندو ڇو جو لوڻ کاڌي لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيترو جاندارن لاءِ ساهه کڻڻ، پر ان جو استعمال احتياط سان ڪرڻ سٺو آهي. اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته ڊاڪٽر اڇي لوڻ کي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندا آهن، ٻين آپشنز ۾ ڪارو ۽ گلابي لوڻ آهي.
هڪ تحقيق موجب ماهر اڇي لوڻ بدران گلابي ۽ ڪارو لوڻ استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن.
ڪارو لوڻ ڀارت ۾ پراڻي زماني کان کاڌن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان ۾ موجود طبي خاصيتون انساني صحت کي ڪيترائي فائدا فراهم ڪنديون آهن.
هاضمي جي نظام ۾ بهتري
ڪارو لوڻ جيري ۾ بائل جي پيداوار کي وڌائيندي هاضمي جي نظام کي بهتر ڪندوآهي. اهو ننڍي آنڊي ۾ جذب جي عمل کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
پٺن جي سوڄ
ڪاري لوڻ ۾ موجود پوٽاشم صحت لاءِ بهترين آهي، پوٽاشم پٺن جي سور کي ختم ڪندي انهن جي صحت کي بهتر بڻائيندو آهي.
دل جي صحت
ڪارون لوڻ نه رڳو رت کي ڇٽرو ڪندو آهي پر ڪولسٽرول جي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ اهو هڪ بهترين چونڊ آهي.
پر طبي ماهرن موجب هاءِ بلڊ پريشر وارن ماڻهن کي روز 3.75 گرام کان وڌيڪ لوڻ استعمال نه ڪرڻ گھرجي.
غذائيت سان ڀرپور
ڪارو لوڻ انساني جسم کي آئرن، ميگنيشم ۽ ڪيلشم جهڙيون ضروري معدنيات فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي.
سوڄ ۾ گھٽتائي
جن ماڻهن کي اڪثر سوڄ ۽ سيني ۾ جلن ٿيندي آهي انهن کي پنهنجي خوراڪ ۾ ڪارو لوڻ لازمي شامل ڪرڻ گھرجي.
ڪارو لوڻ جسم ۾ ايسڊ جي سطح سان گڏوگڏ ريفلڪس جي مسئلن کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
وزن ۾ گھٽتائي
وزن ۾ گھٽتائي لاءِ ڪارو لوڻ روزانو خوراڪ ۾ استعمال ڪرڻ بهترين عمل آهي. ان ۾ سوڊيم نه هجڻ جي برابر آهي تنهنڪري جسم ۾ پاڻي جي سطح کي برقرار رکندو آهي ۽ سوڄ کان به بچائيندو آهي.
قبض کي ختم ڪندوآهي
ڪارو لوڻ معدي جي نظام تي هاڪاري اثر وجهندو آهي، اهو قبض جي علاج لاءِ بهترين آهي.
قبض کي ڪاري لوڻ، ادرڪ ۽ ليمي جي رس جي استعمال سان سولائي سان ختم ڪري سگھجي ٿو.
چمڪندڙ کَلَ
ان ۾ موجود ضروري ۽ فائديمند معدنيات چهري جي کَلَ لاءِ هر طرح سان فائديمند آهي.
رُکي ۽ ڦڪي کَلَ لاءِ هلڪي گرم پاڻي ۾ ڪارو لوڻ شامل ڪريو، ۽ ان کي چهري جي متاثر حصي تي لڳايو. اهو اوهان جي کَلَ کي قدرتي طور تي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.