ڀارتي ٽيم کي عالمي ڪپ کٽڻ کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي: محمد عامر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عامر ۽ آل رائونڊر عماد وسيم ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي محمد عامر اڄوڪي افتتاحي ميچ بابت به اڳڪٿي ڪئي هن چيو ته سندس خيال ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وڇ ۾ ميچ نيوزيلينڊ کٽيندي ڇو ته سندن بالنگ تمام بهترين آهي.

عماد وسيم اڄوڪي ميچ لاءِ انگلينڊ کي فيورٽ قرار ڏنو ۽ چيو نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ انگلينڊ فاتح رهندي.

ٽاپ فور ٽيمن بابت سوال تي محمد عامر چيو ته انگلينڊ، ڀارت، آسٽريليا ۽ پاڪستان جون ٽيمون سيمي فائنلسٽ هونديون.

فاسٽ بالر چيو ته پاڪستان جي جاءِ تي پهريان نيوزيلينڊ کي فيورٽ قرار ڏئي رهيو هيس، پر هاڻي پاڪستان چوندس ڇو ته اسان جي ٽيم تي هاڻي ڪو دٻاءُ ڪونهي ڪو.

هن چيو جڏهن پاڪستان تي دٻاءُ ناهي هوندو تڏهن ٽيم سٺو ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آهي.

ان سوال تي آل رائونڊر عماد وسيم چيو ته سندس خيال ۾ سيمي فائنل ۾ پاڪستان ڀارت، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون ٽاپ فور پوزيشنز حاصل ڪنديو.

هن چيو ته پاڪستان کانپوءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم منهنجي پسنديدا ٽيم آهي، جيئن هو کيڏندا آهن، انهن جي ڪرڪيٽ پسند اٿم.

ٽاپ فور بابت عماد وسيم چيو ته هن اڳڪٿي ڪئي هئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جو فائنل ٿيندو ۽ ان تي قائم آهيان.

محمد عامر ٽاپ ٽو بابت چيو ته دعا آهي ته پاڪستان فائنل کيڏي، پر ٽيڪنيڪل طور انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ هونديون ۽ فائنل ڀارت کٽيندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ پهتو ۽ روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ جسپريت بمرا ميچ واري ڏينهن هلي پيا ته ڀارت کي عالمي چيمپيئن  بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.

ان کانسواءِ  محمد عامر ورلڊ ڪپ ٽيم ۾ آل رائونڊر عماد وسيم ۽ سرفراز احمد کي شامل نه ڪرڻ جي شڪايت پڻ ڪئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد عامر چيو ته عماد وسيم ۽ سرفراز احمد کي عالمي ڪپ اسڪواڊ شامل شامل ڪرڻ گهرجي ها، ڀارت ۾ عماد وسيم سٺو آپشن هو، شاداب خان کي عماد سان نه گڏايو وڃي، ٻئي پاسي محمد حارث ٽيم ۾ جاءِ تڏهن ٺهندي جڏهن رضوان نه کيڏندو.

عامر وڌيڪ چيو ته بالر وڪيٽ مطابق بالنگ ڪندو آهي، مون کي رٽائرمينٽ تي ڪو افسوس ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.