اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي مشهور برانڊن جي گيهه جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان موجب مشهور برانڊن جي گيهه جي قيمت ۾ 60 رپيا في ڪلو جي گهٽتائي ٿي آهي، بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ واهپيدارن لاءِ قيمت 325 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته عام واهپيدارن لاءِ گيهه 455 رپين مان گهٽائي 395 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.
برانڊڊ گيهه جا نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ٿيندا.
You might also like