ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا درفشان سليم چيو آهي ته منهنجو نه ڪو افيئر آهي نه ئي بواءِ فرينڊ مان ڊائريڪٽ شادي ڪنديس.
هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجو ذاتي خيال آهي ته اڄ ڪلهه مردن کي وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي، جيڪي حالتون آهن، اڄ ڪلهه اهڙن مردن مان هڪ زال نٿي سنڀالي سگهجي ته هو چار شاديون ڇا ڪندا؟
فلمن جي حوالي سان ڳالهائيندي درفشان جو چوڻ هو ته فلم سازن کي انگن بدران مواد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنجن فلمن جي بجيٽ جي هڪ ئي سٺي فلمن ٺاهي وڃي جيئن ماڻهو ڏسي خوش ٿين، فلم جي ٽڪيٽ به سستي هجڻ گهرجي جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ڏسن.