مڇرن کي ڀڄائڻ جا سولا گھريلو ٽوٽڪا

گھرن ۾ موجود مڇر جتي صحت جي مسئلن جو سبب بڻبا آهن اتي ڪمن ۾ رنڊڪ به وجهندا آهن.
مڇرن کان ڇوٽڪاري لاءِ مهانگا اسپري، ڪوائلز ۽ ريپلنٽس خريد ڪيا ويندا آهن، پر پوءِ به مڇرن کان بچڻ ممڪن ناهي هوندو.
مڇر سنگين بيمارين جهڙوڪ مليريا ۽ ڊينگي بخار جو سبب بڻبا آهن، هنن تجويزن تي عمل ڪندي مڇرن کان ڇوٽڪارو ممڪن آهي.
ڪافي جو استعمال
ڪافي نه رڳو موڊ کي خوشگوار بڻائيندي آهي پر مڇرن کان به ڇوٽڪاري لاءِ بهترين آهي.
ان لاءِ هڪ ننڍي ڪپڙي ۾ وجهي ڳنڍ ڏئي درن ۽ درين تي لڙڪائي ڇڏيو.
لونگ ۽ ليمو
مڇر لونگ ۽ رسيل ميون جي خوشبوءِ کي پسند ناهن ڪندا، تنهنڪري اهو ٽوٽڪو انهن کي ڀڄائڻ لاءِ بهترين آهي.
ان لاءِ هڪ ليمي کي اڌ حصي ۾ ڪٽي لونگن کي ليمي ۾ ٽنبي ڇڏيو.
مڇرن کي بڄائڻ لاءِ ليمن کي گھر جي ڪنڊن ۾ رکي ڇڏيو.
ٿوم جو اسپري
مڇر ٿوم جي بوءِ کان ڀڃندا آهن، ڇو جو ان ۾ موجود سلفر ٿوم ۾ بوءِ جو سبب بڻبو آهي.
اهو اسپري تيار ڪرڻ لاءِ ٿوم جي ڪجهه ڳڙين کي ڇٿي، ان کي پاڻي ۾ اٻاريو. ان کان پوءِ ان مڪسچر کي اسپري جي بوتل ۾ ڀري ڪمرن ۾ اسپري ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.