آمريڪي صحافڻ اسرائيل جي حمايت تي معافي گھري ورتي

آمريڪي صحافڻ سارا سينڊر اسرائيل جي حمايت تي معافي گھري ورتي. سندس چوڻ هو ته ٻارن جي قتل ۾ حماس جي ملوث هجڻ جو ثبوت نه ڏئي سگھيس.
اسرائيل ۽ فلسطين جي موجودا ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران اها غلط خبر ميڊيا تي هلي ته حماس ٻارن جون سسيون ڌر کان ڌار ڪيون آهن.
آمريڪي صحافڻ سارا سينڊر به ٻارن جي موت تي اسرائيلي موقف جي حمايت ڪئي هئي، پر حقيقت خبر پوڻ تي هن معافي گھري آهي.
ايڪس (ٽوئيٽر) تي سارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته اسرائيلي وزيراعظم جي آفس چيو هو ته هنن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حماس ٻارن جون منڍيون لاٿيون آهن. پر بعد ۾ اسرائيلي حڪومت جو چوڻ هو ته اها ان ڳالهه جي تصديق نٿي ڪري سگھي ته ٻارن جون منڍيون لاٿيون ويون آهن. ان لاءِ مون کي پنهنجن لفظن سان وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت هئي ۽ آئون معافي گھران ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.