وڏين بيمارين جو علاج تِرن جو ٻج

ماهر صحتمند جسم لاءِ صحتمند خوراڪ جي استعمال تي گھڻو زور ڏيندا آهن، ڇو جو اها ئي انساني جسم کي صحتمند بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي.

صحتمند خوراڪ ۾ جتي ميوا، ڀاڄيون ۽ گوشت اهم آهن، اتي ڪيترائي اهڙا ٻِج به آهن جيڪي انساني صحت کي وڌيڪ هٿي ڏيندا آهن.

ڪلونجي، السي ۽ هُرٻي جي داڻن جيان ”تِرَ“ به پنهنجي اندر صحت جا غذائي جُز رکن ٿا، اها ننڍڙا ٻج سيسم انڊيڪم ٻوٽي (Seasamum indicum plant) مان حاصل ڪيا ويندا آهن.

تِر نه رڳو کاڌي جي لذت ڏيندا آهن پر انساني صحت ۾ به مک ڪردار ادا ڪندا آهن.

انهن کي ٽراپيڪل علائقن ۾ پوکيا ويندا آهن، اهي ڪاري ۽ اڇي رنگ جا هوندا آهن. اهي پروٽين، غذائي فائبر، وٽامنز ۽ معدنيات سان ڀرپور هوندا آهن.

ان ۾ ڪئلشم، ميگنيشم، آئرن، زنڪ ۽ وٽامن اي جو جهجهو مقدار موجود آهي. روز جي بنياد تي چپٽي تِرن جا ٻج انساني صحت کي اهي فائدا فراهم ڪري سگھن ٿا.

دل جي صحت

صحتمند فيٽس سان ڀرپور انهن ٻجن ۾ 39 سيڪڙو مونوسيچوريٽڊ ۽ 14 سيڪڙو پولي انسيچوريٽڊ چرٻي (فيٽس) شامل هوندا آهن. ان ۾ موجود اوميگا 3 ۽ اوميگا 6 فيٽي ايسڊز دل جي بيمارين جي خطرن کي گھٽائيندا آهن.

اهي خراب ڪولسٽرول ۽ ٽراءِ گلسرائڊز (triglycerides) کي گھٽائيندا سٺي ڪولسٽرول ۾ اضافو ڪندا آهن.

اهو خراب ڪولسٽرول ۽ ٽراءِ گليسرائڊز (triglycerides) کي گھٽائيندي سٺي ڪولسٽرول ۾ اضافو ڪندا آهن.

تِر جي ٻجن ۾ موجود ليگنان (lignans) ۽ فائٽوسٽيرول (phytosterols) رت ۾ ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽ ڪرڻ ۾ به مدد ڪندا آهن.

هاضمي جي نظام ۾ بهتري

تِر جا ٻج غذائي فائبر سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪي قبض کي روڪڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهو آنڊن جي صحت لاءِ به بهترين آهي، جيڪو قبض سان سلهاڙيل تڪليف ۽ پيچيدگين کي ختم ڪندا آهن.

بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪندا آهن

هاءِ بلڊ پريشر دل جي بيمارين ۽ فالج جي خطرن کي وڌائي سگھن ٿا، پر تِرن جي ٻجن ۾ موجود مئگنيشم بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

تِرن جي ٻن ۾ ليگنان، وٽامن اي، ۽ ٻيا اينٽي آڪسيڊنٽس پلاڪ ( plaque) جي تعمير کي روڪڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

مضبوط هڏا

ترن جي ٻج کي هڏن لاءِ پاور هائوس چيو ويندو آهي، ان ۾ ڪيلشم جو وڌيڪ مقدار صحتمند هڏن لاءِ هڪ اهم جُز آهي.

ان ۾ موجود ميگنيشم ۽ زنڪ ڪوليجن جي پيداوار ۾ مدد ڪندا آهن، جيڪي هڏهن جي صحت لاءِ ضروري آهن.

چمڪندڙ کَلَ

هڪ تحقيق ۾ تِر کي کَلَ جي صحت لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، غذائي جزن ۽ مرڪبن سان ڀرپور ٻج صحتمند ۽ چمڪندڙ کَلَ کي برقرار رکڻ ۾ اثرائتا آهن.

ان ۾ موجود فيٽي ايسڊز جو مقدار چمڪندڙ کَلَ لاءِ گھڻو ضروري آهي.

رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪندا آهن

تَر جي ٻج ۾ موجود فائبر جو مقدار رت ۾ شگر جي سطح کي برقرار رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

فائبر ڪاربوهائڊريٽ جي جذب جي عمل کي نه رڳو سست ڪندو آهي پر شگر جي سطح ۾ تيزي سان اضافي کي به روڪيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.