ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني مداحن لاءِ سُٺي خبر

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ بيٽرز جي درجابندي ۾ بابر پهرين نمبر تي موجود آهي.

بابر اعظم جون ريٽنگ پوائنٽس 857 آهن، ٻئي نمبر تي موجود ڀارت جي شُڀمَن گِل جي آسٽريليا خلاف آخري ميچ نه کيڏڻ سبب اٺ ريٽنگ پوائنٽ گهٽجي ويون ۽ سندس ريٽنگ پوائنٽس 839 آهن.

ان کانسواءِ آسٽريليا جو  ڊيوڊ وارنر هڪ درجو ترقي بعد پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

امام الحق بيٽرز جي رينڪنگ ۾ هڪ درجو وڃائيندي ڇهين نمبر تي هليو ويو آهي.

ڀارت جي روهت شرما جي هڪ درجو ترقي ٿي آهي ۽ هو ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته فخر زمان هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ يارنهن نمبر تي هليو ويو آهي.

آءِ سي سي بيٽرز رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ 13 هين پوزيشن آهي.

ون ڊي بالرز رينڪنگ ۾ ڀارت جي محمد سراج جو پهريون نمبر برقرار آهي، پاڪستان جي شاهين آفريدي ٻه درجا بهتري کانپوءِ ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.

آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ ٻه درجا بهتري کانپوءِ اٺين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، افغانستان جو محمد نبي هڪ درجو ترقي کانپوءِ ٽاپ ٽين ۾اچي ويو، رينڪنگ ۾ سندس ڏهون نمبر آهي.

حارث رئوف هڪ درجو ترقي ڪندي 21 هين نمبر تي اچي ويو، ون ڊي آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.