وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان قرض 600 ارب رپيا وڌڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان قرض جو ڪاٿو 600 ارب رپيا وڌي ويندو آهي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر چيو ته مرڪزي بئنڪ وٽ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاليسي ريٽ کانسواءِ ڪو ٻيو ٽول ناهي، پاليسي ريٽ وڌڻ سان ڪاروباري ادارن جي ڊيفالٽ جو خطرو به وڌي ويندو آهي پر اڃا تائين اهڙي صورتحال ناهي ۽ اميد آهي ته معيشت جي بحالي تيز ٿيندي.
هن ٻڌايو ته سياسي طور ايڪسپوزڊ پرسنز لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سميت هر بئنڪ ۾ هڪ فوڪل پرسن جي مقرري ڪئي وئي آهي، بئنڪ عالمي قانونن تحت سياسي ماڻهن جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪندي آهي ته جيئن ڪا پابندي نه لڳي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر چيو ته وياج جي شرح وڌڻ سان 26 هزار ارب رپيا بئنڪن ۾ ڊپازٽ ٿيا، ڊيپازٽرز پروٽيڪشن ڪارپوريشن تحت 94 سيڪڙو ڊيپازيٽرز محفوظ آهن.
سينيٽر سعديه عباسي قانون ۾ تبديلي جو مطالبو ڪندي چيو ته هاڻ هڪ ٽيڪس ڏيندڙ کي اسٽيٽ بئنڪ جي آفيسر کان پڇي اڪائونٽ کولڻو پوندو.
سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته سياسي شخصيتن لاءِ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، رنڊڪ وجهندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي، هاڻ بئنڪون ايتريون منافعي بخش ٿي ويون آهن جو انهن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي.
سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح ۾ واڌ سان ڪڻڪ، داليون، سبزيون ۽ گيهه گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو مهانگو ٿيو، معاملو آءِ ايم ايف سان اٿارڻ گهرجي.
سليم مانڊوي والا چيو ته بئنڪن کي هاڻ حڪومت جي شڪل ۾ بهترين واهپيدار ملي ويو آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
فنانس ڊويزن جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته هڪ سيڪڙو پاليسي ريٽ وڌڻ سان حڪومت جو قرض 600 ارب رپيا وڌي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.