ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ڇا مان ٺهي ۽ ان جي ماليت ڇا آهي؟

دنيا جون ڏهن ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جي ٽرافي کٽڻ لاءِ ويڙهه جي شروعات پنج آڪٽوبر ( سڀاڻي ) کان ٿي رهي آهي.

46 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ ڀارت جي ڏهن مختلف شهرن ۾ شيڊيول آهي، جنهن لاءِ ڏهن ٽيمن جا رانديگر ڪرڪيٽ جو سڀ کان انعام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائيندا.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 1975 کان 2019ع تائين جي 44 سالا  تاريخ ۾ ڇهه ٽيمون عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز ماڻي چڪيون آهن.

ان فهرست ۾ آسٽريليا سڀ کان وڌيڪ پنج ڀيرا عالمي ڪپ کٽي پهرين نمبر تي موجود آهي،ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت اِهو اعزاز ٻه، ٻه ڀيرا ماڻيو آهي جڏهن ته پاڪستان، سريلنڪا ۽ انگلينڊ هڪ، هڪ ڀيرو عالمي فتح بڻجي چڪا آهن.

ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي عالمي ڪپ ٽرافي جو انعام ڏنو ويندو آهي جنهن جي تاريخ به ان ايونٽ جيتري پراڻي آهي.

ٿي سگهي ٿو اوهان کي ڄاڻ نه هجي پر اِها ٽرافي ڪيئي دفعا تبديل ٿي چڪي آهي.

شروعات ٽن ورلڊ ڪپس جي ٽرافي هڪ ئي هئي.

1975ع کان 1983ع تائين تمام ورلڊ ڪپ ايونٽس انگلينڊ ۾ ٿيا هئا.

ٽنهي ايونٽن کي پروڊينشل انشورنس نالي ڪمپني اسپانسر ڪيو هو ۽ جنهنڪري ٽرافي کي پروڊينشل ڪپ ٽرافي جو نالو ڏنو ويو.

اِها ومبلڊن ٽينس ايونٽ جي ٽرافي سان ملندڙ جلندڙ ٽرافي هئي ۽ هاڻي اِها لارڊڪز جي ڪرڪيٽ ميوزيم ۾ موجود آهي.

1987 ۾ پهريون ڀيرو ٽرافي تبديل ٿي.

1987 تي پهريون ڀيرو اِها ٽورنامينٽ انگلينڊ کان ٻاهر ننڍي کنڊ يعني، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿي.

ريلائنس انڊسٽريز عالمي ڪپ اسپانسر ڪيو ۽ ايوڻٽ لاءِ گولد پليٽڊ ٽرافي تيار ڪئي وئي جنهن تي هيرا جڙيل هئا، ان کي ريلائنس ورلڊ ڪپ جو نالو ڏنو ويو.

ان ٽرافي جي تياري تي ان زماني ۾ ڇهه لک ڀارتي رُپيا خرچ ٿيا هئا جيڪي موجودا دور جا اسي لک ڀارتي رُپين جي برابر آهن.

1992ع جي ٽرافي سڀ کان مختلف هئي.

1992 واري ٽرافي کي هنيئر تائين جي ڊيزائن ڪيل سڀ کان خوبصورت ورلڊ ڪپ ٽرافي مڃيو ويندو آهي.

ڪرسٽل مان تيار ڪيل ان ٽرافي کي اسپانسر بينسن اينڊ هيجز جو نالو ڏنو ويو هو.

ان ٽرافي جي مٿان گلوب ٺهيل هو جڏهن ته ان جي تياري تي اٺ هزار برطانوي پائونڊز خرچ ٿيا هن وقت اِها ٽرافي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ موجود آهي.

1996 واري ورلڊ ڪپ جي ٽرافي

1996 وارو ورلڊ ڪپ هڪ ڀيرو وري ننڍي کنڊ ۾ ٿيو ۽ ان ڀيري پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏ سريلنڪا به ميزبان هو جڏهن ته ولز ڪمپني ايونٽ اسپانسر ڪيو هو، اِهو ئي سبب آهي جو ٽرافي کي ولز ورلڊ ڪپ جو نالو ڏنو ويو.

1999ع کان هنيئر تائين

1999ع واري عالمي ڪپ لاءِ انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونلس فيصلو ڪيو ته مستقبل جي تمام ايونٽس لاءِ هڪ ٽرافي تيار ڪرڻ گهرجي.

ان لاءِ آءِ سي سي برطانيا جي ڪمپني جيراڊ اينڊ ڪو سان رابطو ڪيو، جنهن هاڻي استعمال ٿيندڙ ٽرافي تيار ڪئي، اٽڪل 11 ڪلو وزني ۽ سٺ سينٽي ميٽر ڊگهي ٽرافي جي تياري تي ٽيهه هزار ڊالرز خرچ ٿيا هئا.

اِها ٽرافي جي تياري ۾ چاندي ۽ سون جو استعمال ڪيو ويو هو جنهن جي مٿان هڪ سونو گلوب موجود آهي جڏهن ته چاندي جا ٽي ٿنب آهن جيڪي وڪيٽ ۽ بيلز جهڙا آهن.

ان ورلڊ ڪپ جي هيٺين حصي ۾ هينئر تائين ايونٽ جي فاتح ٽيمن جا نالا لکيل آهن جڏهن ته مستقبل ۾ ايونٽ کٽڻ وارين ٽيمن جا نالا لکڻ جي گنجائش پڻ رکي وئي آهي.

هاڻي ٽورنامينٽ کٽڻ واري ٽيم کي ٽرافي جي نقل ڏني ويندي آهي جيڪا اصل جهڙي ئي هوندي آهي بس ان ۾ اڳوڻن چيمپيئنز ٽيمن جا نالا لکيل ناهن هوندا.

اصل ٽرافي دبئي ۾ آءِ سي سي هي هيڊ آفيس ۾ رکي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.