نواز شريف انتقام وٺڻ نه ملڪي ترقي لاءِ اچي رهيو آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪ جي ترقي لاءِ اچي رهيو آهي، هو ملڪ کي ٻيهر خوشحال ڪرڻ اچي رهيو آهي، عوام سندس تاريخي آجيان ڪندو.
لاهور ۾ پنهنجي تڪ ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف 2013 ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو، سندس دور ۾ مهانگائي نالي ڪا شئي نه هئي.
هن چيو ته 2018 ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي ۽ عوام کي ترقي ۽ خوشحالي کان محروم ڪيو ويو، نواز شريف کي اقتدار تان نه هٽايو ويو پر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي کي روڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي واپس اچي رهيو آهي، ترقي جو رُڪيل سفر ٻيهر شروع ٿيندو، توهان سندس تاريخي آجيان ڪري پيغام ڏيو ته ان سان زيادتي ٿي هئي.
شهباز شريف چيو ته نواز شريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اچي رهيو آهي، جن ڪردارن نواز شريف سان زيادتي ڪئي، انهن جي سڀني کي خبر آهي، نواز شريف جي ورڪر طور ساهه ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.