ٻارن کي دڙڪا ڏيڻ به سندن لاءِ جنسي يا جسماني تشدد جيترو نقصانڪار ثابت ٿيندوآهي.
اها دعويٰ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
آمريڪا جي ونٽيج يونيورستي ۽ برطانيا جي لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ٻارن کي ڪاوڙ ۾ دڙڪا ڏيڻ جا ناڪاري اثر سڄي زندگي برقراررهي سگھن ٿا.
تحقيق موجب ان جي ڪري جذباتي ۽ نفسياتي دٻاءُ پيدا ٿيندو آهي جنهن سان ٿولهه، ڊپريشن، پاڻ کي نقصان پهچائڻ، هر وقت ڪاوڙ ۾ رهڻ ۽ منشيات جي استعمال جو خطرو وڌندو آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته استاد، پيءُ ۽ ماءُ طرفان ڪاوڙ ۾ دڙڪا ڏيڻ جا گھڻا ناڪاري اثر پونداآهن.
محققن ٻڌايو ته بالغ ماڻهن طرفان ٻارن کي دڙڪا ڏيڻ معمولي تصور ڪيو ويندو آهي پر ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه لاءِ نقصانڪار هوندو آهي.
هن چيو ته ٻارن سان اهڙي سلوڪ جي نقصانن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ڇو جو ان سان ٻارن کي سڄي زندگي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
سندن چوڻ هو ته ٻارن سان خراب سلوڪ جي روڪٿام انهن کي مستقبل ۾ ذهني صحت جي مسئلن کان بچائڻ جو اثرائتوترين ذريعو آهي.
محققن ٻڌايو ته اسان جي تحقيق جو مقصد اهڙي رويي سبب ٿيندڙ نقصان بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي.
هنن زور ڏنو ته ٻارن تي رڙيون ڪرڻ ۽ انهن کي دڙڪا ڏيڻ نقصانڪار تصور ڪرڻ گھرجي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل Child Abuse and Neglect۾ ڇپيل آهن.