ڪراچي کي عالمي سطح تي ڪهڙو وڏو اعزاز ملڻ وارو آهي؟ گڏيل قومن جي اڳڪٿي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي عالمي سطح تي هڪ وڏو اعزاز ملڻ وارو آهي، ان حوالي سان عالمي اداري پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
گڏيل قومن پنهنجي تازي ”ورلڊ اربنائيزيشن پروسپيڪٽس 2025“ رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي آبادي ۾ غير معمولي واڌ سبب ايندڙ سالن ۾ دنيا جي 5 وڏن شهرن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
ڪاٿن موجب 2025 کان 2023 جي وچ ۾ ڪراچي ٽاپ ٽين ميگا سٽيز ۾ شامل ٿي ويندو، جڏهن ته 2050 تائين شهر جي آبادي وڌي تقريبن 3 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ڪراچي جو شمار دنيا جي 5 وڏن شهرن ۾ ٿيندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي آبادي جي اعتبار سان آساني سان قاهرا، ٽوڪيو، گوانگزو، منيلا ۽ ڪلڪتا جهڙن شهرن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.