پي ٽي آءِ جو روپوش اڳواڻن بابت وڏو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايندڙ چونڊن لاءِ سياسي حڪمت عملي جوڙي ورتي.
پي ٽي آءِ ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چونڊ مهم جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن کي هدايتون پهچائي ڇڏيون آهن، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي پي ٽي آءِ چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضلعي سطح تي ورڪرز ڪنوينشن ڪرايا ويندا، روپوش اڳواڻن کي به ورڪرز ڪنويشن لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي روپوش اڳواڻ منظر تي اچي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.