ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري رهيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 72 پئسا آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 4 پئسا گهٽ ٿيو آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 50 پئسا گهٽجي 286 رپيا ٿي ويو آهي.
پي ٽي اي پاران موبائل سمن جي ٻيهر تصديق جي ترديد
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل سمن جي ٻيهر تصديق ۽ پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. پي ٽي اي ميڊيا تي موبائل سمن جي ٻيهر تصديق ۽ پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان جاري خبرن تي وضاحت ڪندي چيو ته اهڙيون خبرون درست ناهن، ڇو ته حڪومت طرفان اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. پي ٽي اي واضح ڪيو ته پاڪستان، خاص طور خيبر پختونخواهه ۾ به پاسپورٽ تي هڪ سم جاري ڪرڻ جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ افغانستان ۾ رومنگ تي هلندڙ موبائل سمون اڳ ئي بلاڪ ڪيون ويون آهن.
امين گنڊاپور جي گهر تي ڇاپو، ٻوڏ متاثرن جو سامان هٿ
ڊيرا اسماعيل خان(ن ع آ) اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر علي امين گنڊاپور جي گهر تي ڇاپو هڻي ٻوڏ متاثرن جا استعمال ڪيل خيما هٿ ڪري ورتا.اينٽي ڪرپشن کاتي ڊيرا اسماعيل خان موجب علي امين گنڊاپور جي گهر تي غيرقانوني طور تي 25 متاثرين جا امدادي خيما لڳل هئا. 17 خيما يو اين ايڇ سي آر ۽ 7 خيما PDMA پاران رجسٽرڊ ڪيا ويا.
عوام کان ڊنل ماڻهو اليڪشن نٿا چاهين: پ پ
ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته عوام جي عدالت کان ڊنل ماڻهو چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهين پيا، هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪڏهن تڪ بنديون، ڪڏهن ٿڌ جو بهانو ته ڪڏهن معيشت جو راڳ جاري آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي آئين موجب چونڊن جي تاريخ جو مطالبو ڪري ٿي، پي پي ترجمان موجب چونڊن ۾ عوام پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين جي حڪومتن جي ڀيٽ ڪندو، 2010 ۾ خطرناڪ ٻوڏ جي باوجود مهانگائي نه ٿي، پيپلزپارٽي واحد سيسي پارٽي آهي جيڪا غريبن کي روزگار ڏيندي آهي.