اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستاني شهري جي جان، مال ۽ ڀلائي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۽ ڪنهن به دنياوي مفاد کان مٿانهين آهي. نگران وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب آرمي چيف اجلاس ۾ زور ڏيندي چيو ته هڪ پاڪستاني شهري جي جان، مال ۽ ڀلائي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۽ ڪنهن به دنياوي مفاد کان مٿانهين آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ اسان ڪنهن به حد تائين وينداسين.