لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جڏهن به پاڪستان تي ڏکيو وقت آيو رهنمائي لاءِ نواز شريف آڏو آيو ۽ هو نه ڊيل تحت ويو هو نه ڊيل تحت واپس اچي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان کي ان آزمايل ليڊر جي ضرورت آهي جيڪو مُلڪ کي ڏکين حالتن ۾ مان ٻاهر ڪڍي انڪري ن ليگ جي درخواست تي نواز شريف پارٽي کي ليڊ ڪرڻ اچي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي رهيو آهي، مينارِ پاڪستان تي آجيان ۽ جلسو ٿيندو، سڄي مُلڪ مان ماڻهو مينارِ پاڪستان پهچندا، لاهور ۽ نواز شريف سموري مُلڪ مان ڪهي آيل ڪارڪنن جي ميزباني ڪندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف اميد کي يقين ۾ بدلائڻ واري رستي جو تعين ڪندو، هو 21 آڪٽوبر جي شام ساڍي پنجين وڳي لاهور پهچندو، سندس حفاظتي ضمانت لاءِ قانوني ٽيم تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف حفاظتي ضمانت لاءِ عدالت جي آڏو سرينڊر ڪندو، اسان اشارن تي يقين ناهيون رکندا، نواز شريف بيڏوهي آهي رليف ملي ويندو.