ڊچ ماهر جي اڳڪٿي بعد ٿرٿلو، ماڻهو گهرن ۾ نه سمهيا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ماهرن جو چوڻ آهي ته زلزلي جي وقت جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي.
ڊچ ماهر افغانستان ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعي چمن ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪا سڄي پاڪستان ۾ وائرل ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کي فون ڪري رهيا هئا.
ماهر چيو هو ته چمن فالٽ لائين تي واقع آهي جتي 48 ڪلاڪن اندر سخت زلزلو اچڻ وارو آهي.
تنهن بعد بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪجهه ماڻهو گذريل رات زلزلي جي خوف سبب گهرن مان ٻاهر سمهڻ تي مجبور ٿي ويا.
هالينڊ جي هڪ تحقيقي اداري سولر سسٽم جيولوجيڪل سروي آچر تي چمن فالٽ لائين تي 48 ڪلاڪن اندر طاقتور زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي.
اهڙي صورتحال ۾ ڪمشنر ڪوئيٽا حمزه شفقت آزاد ٻڌايو ته اهو رڳو افواهه هو، جنهن ۾ ڪا سچائي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.