ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي ۾ ڊاڪٽر ٻارڙي جو طهر ڪندي سندس نازڪ عضوو ئي ڪٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻار جي پيشاب جي نالي ڪٽجي وئي.
ڊيجي خان جي تعلقي ڪوٽ چٺا جي دڪاندار محمد احمدميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي ڊاڪٽر طهر دوران سندس اڪيلي پٽ جو نازڪ عضوو ڪاٽي ڇڏيو جنهن سبب ٻار پيشاب جي نالي کان محروم ٿي ويو آهي، شڪايت باوجود پوليس ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ناهي ڪري رهي.
هن چيو ته سندس پٽ 10 سالن جو هو ۽ ڊاڪٽر غلام عباس طهر دوران سندس نازڪ عضوو مڪمل ڪاٽي ڇڏيو آهي، هاڻي ٻار کي پيشاب ڪرائڻ لاءِ نالي لڳائڻي پوندي آهي.
ٻار جي پيءُ ڇپاران ميڊيڪل ليگل رپورٽ ۽ 11 اپريل تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.
محمد احمد چيو ته ڊاڪٽر ڌمڪائي رهيو آهي ۽ منهنجو مطالبو آهي ته ڊاڪٽر جو لائسنس رد ڪيو وڃي ۽ کيس سخت سزا ڏني وڃي.