کير توهان جي علائقي ۾ ڪيترن رپين جو ملي ٿو؟ سرڪاري اگهه ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ڪراچي ۾ کير جو نئون سرڪاري اگهه  200 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر ڪراچي کير جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي ۽ نئون اگهه  180 کان 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر ڪراچي ڊيري فارمرز، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ نوان اگهه لاڳو ڪيا آهن جن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب کير جو فارم ريٽ 180 رپيا ۽ هول سيل 188 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته شهر ۾ ريٽيل سطح تي اڳ ئي کير 230 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، سرڪاري اگهه ۾ 20 رپيا واڌ سان اگهه 250 رپيا في ليٽر تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.