پاڪستان، هانگ ڪانگ کي 68 رنسن تان هارائي ايشين گيمز جي ٽي ٽوئنٽي مقابلن جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
سيمي فائنل ۾ پاڪستان اي جو مقابلو سريلنڪا ۽ افغانستان جي ميچ جي فاتح ٽيم سان ڇهه آڪٽوبر تي ٿيندو.
چين جي شهر هنگزو ۾ جي زي جيانگ يونيورسٽي ڪرڪيٽ فيلڊ ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز جي ڪرڪيٽ مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ۾ هانگ ڪانگ ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستان مقرر ويهه اوورن ۾ 160 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
Pakistan Cricket team and comedy of errors — is a never-ending love story.#PAKvHK #AsianGames #AsianGames2022 #INDvNED #CWC23 pic.twitter.com/CcEwqrBQVd
— ICC Asia Cricket (@ICCAsiaCricket) October 3, 2023
پاڪستان طرفان 41 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ آصف علي ۽ عرفات منهاس 25،25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان جي 161 رنسن جي جواب م هانگ ڪانگ جي سمور ٽيم 19 هين اوور ۾ 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان جي ڪپتان قاسم اڪرم سميت چهن ڪرڪيٽر اڄ پنهنجي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو.